بابا حاجي ميرمحمد

بابا حاجي ميرمحمد ولد بلوچ خان سيلاوٽُ، جيسلمير ۾ 1870ع ڌاري ڄائو. راجپوتن جي چوهاڻ پاڙي مان هو. ڪراچيءَ ۾ سندس جماعت کي مسلم مارواڙي جماعت ڪري سڏيندا آهن. سندس تعليم لکڻ پڙهڻ جيتري ورتل هئي. سندس ايمانداريءَ ۽ دانشمنديءَ کي ڏسندي، کيس سرڪار طرفان آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. هو 1916ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن جي مکيه ڪاميٽين تي ڪم ڪندو رهيو. 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ۾ هن پنهنجو سرڪاري عهدو ڇڏي ڏنو. 1926ع ۾ ڪراچيءَ مان کيس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو، جتي هن تقريرون ڪري، ملڪ جي مسئلن تي ڳالهايو. هن 9 رمضان المبارڪ 1352 هه مطابق 26 ڊسمبر 1933ع تي وفات ڪئي.


لفظ بابا حاجي ميرمحمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

بابا حاجي ميرمحمد ولد بلوچ خان سيلاوٽُ ، جيسلمير ۾ 1870ع ڌاري ڄائو


1919.00.00  عيسوي

بابا حاجي ميرمحمد 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو


1933.12.26  عيسوي

بابا حاجي ميرمحمد 9 رمضان المبارڪ 1352 هه مطابق 26 ڊسمبر 1933ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور علي سرهيو
ثميره زرين
غلام فاطمه شيخ
امداد محمد شاهه
بادو درويش
سيد صادق علي شاهه
شيخ عارف
سيد حيدر شاهه 2
بهاول خان انڙ
فتح محمد شاهه شيرازي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون